سخي اميد علي جماليءَ جو مقبرو

سخي اميد علي جماليءَ جو مقبرو

سخي اميد علي جماليءَ جو مقبرو

سخي اميد علي جماليءَ جو مقبرو (ماڳ): ھي مقبرو اميد عليءَ جي مقام ۾ ديھه اين- 87، تعلقي ۽ ضلعي نوابشاھه ۾ آهي. نوابشاھه جو شھر ھن جي اولھه ۾ 5 ڪلوميٽرن پنڌ تي آھي. غلام رسول جماليءَ جو ڳوٺ ڏيڍ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ھن جي ڏکڻ ۾ آھي. نوابشاھه- سانگھڙ روڊ ھن جي ڏاکڻي ڪناري تي آھي. ٺاري جماليءَ جو ڳوٺ ھتان کان ڏيڍ ڪلو ميٽر اتر ۾ ۽ حاجي ميرو جماليءَ جو ڳوٺ اڌ ڪلو ميٽر اوڀر ۾ آھي.
ھي ماڳ "26O1'50 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "68O26'35 ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي موجود آھي. مقبري جي ڊيگھه 4.40 ميٽر ويڪر 4.40 ميٽر ۽ اوچائي 8 ميٽر آھي. گل گارو، گچ گارو، سيمنٽ وغيره اڏاوت ۾ استعمال ٿيل آھي. مقبرو رٿ ۾ چورس آھي. مقبري کي لنگھه چئن ئي پاسي آھي. چئن پاسن تي مستطيل پانيل ٺھيل آھن، وچ واري پانيل ۾ وڏو لنگھه آھي. ٻيڙٻني تي چوڌاري ڪنگرا ٺھيل آھن. چار برجيون اڀرندي پاسي مھاڙيءَ وٽ ۽ ٻه برجيون الھندي پاسي ٺھيل آھن. گنبذ ڳچ تي گول گنبذ ٺھيل آھي، ان جي مٿان ابتي ڪنول گل جي اڏاوت، ان جي مٿان ڪلس ٺھيل آھي. گنبذ ميان نورمحمد جي قبي تي ٺھيل گنبذ وانگر آھي. مقبري جو ٻاھريون پاسو سيمنٽ سان پلستر ٿيل آھي. اندر مقبري واري حجري ۾ ڀتين وٽ طاق ۽ پانيل ٺھيل آھن. وچ ۾ بزرگ جي قبر آھي. فرش تي ڪاشيءَ جون سرون لڳل آھن.
ھي مقبرو سخي اميد علي جماليءَ پنھنجي جيئري جوڙايو ھو. اندر اھڙي لکت فارسي زبان ۾ لکيل آھي. ٺھڻ جو سال 1226 ھجري ڄاڻايل آھي. ڪنب ليما ۾ به ھن ھڪ مسجد ٺھرائي ھئي. مقبري جي حالت سٺي آھي. مقامي ماڻھو ان جي مرمت ڪرائيندا اچن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو